وَھُون بابت
معنيٰ
زالُون، ڄڻيُون، رنُون
Wives
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون، آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون، وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون، مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا اَڏِيَئِي جي، تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون، مُون وَرُ تُون وَري، پِرتَئُون پيرَ ڀَري، مَلَهائيجِ مِسڪِينِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون، مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تو وَرَ وَھُون ڪيتِيُون، مُون وَرُ تُون، وَريجِ، پِرَتَئُون پيرَ ڀَريجِ، مَلَهائيجِ مِسڪِينِ کي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]