وَرِھَ بابت
معنيٰ
ورھيہ، سال، برس، ڪافي عرصو
Years, have long periods, period
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ، تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھِين اَکنِئا ٻَھارِ، پِرِين تُنھِنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ، مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ، ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ، ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ، وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا، تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ، اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]