نِڌَرَ بابت
معنيٰ
بنا ڪنھن آڌار جي، بي وسيلي، بي زور، بيواھ، نڌوري، بي واهي، بي وس، بي پھچ، آوس، لاچار، عاجز، نِڌڻڪي، اٻالو، ڪمزور، ضعيف، نستي. نڀاڳي، چنڊي، ندوري. نماڻي ويچاري. اڀري، بي سهاري، يتيم.
Weak, helpless, invalid. orphan, poor.
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين، اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ، ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري، ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي، سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي، مَٿي…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان، لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان، ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان، جانِبُ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين، پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين، سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين، ھارِي ڪِيئَن…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون، چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون، موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي، لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي، ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي، جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو، پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ، تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو، تَنِي حالُ ڪِھو،…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اُتَرُ اوتُون ڏي، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]