نِيَرُ بابت
معنيٰ
زنجير، سَنڪِلِي، چين، سَنگر، نِئَرُ، واگهہ. ٻيڙي، اشڪول.
A chain, shackles, fetters.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري، روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ، عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري، سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نِنڊَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون، سَڄَڻُ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَهہ سُڄَنِ، سي ڪِيئَن پِرِين پَسَنِ، جَنِي نِيَرُ ننگَ جو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو، مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو، ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا، جَنِ جو آڌارُ تُون، جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري، توءِ…[ سُر آسا - وايون ]
- لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي، وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو، مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا، ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]