مُياسِ بابت
معنيٰ
مري يا برباد ٿي ويس. تھس نھس ٿي ويس. ختم ٿي ويس.
I've been died, I am died.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي، پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ، پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ، توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ، لَڳِي يارَ لڪن ۾، عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان…[ سُر حسيني - وايون ]
- واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ، تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ، ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ڪارايَلَ مُياسِ، وَڻِ چَڙِهئو وايُون ڪَرِيين، تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]