مَھيسِي بابت
معنيٰ
مھا ايشور (شِو) جو پوڄيندڙ، مھيشور (ايشور) جا پوڄاري يا چيلا، جوڳي فقيرن جو ھڪ قسم. شراب جو ڌڻي، پير مغان.
Follower of Lord Shiva, kind of Jogis, god of wine.
بيتن ۽ وائين ۾
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي، ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي، آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران، مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران، پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ، وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ، مَھيسِي…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ نِھارِيندَڙُ ناھِ، جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]