مَنزَلَ بابت
معنيٰ
لَھَڻ يا ترسڻ جي جاءِ، مُسافريءَ جي ٿڪُ ڀَڇڻ جي جاءِ، داٻي جي جاءِ، منزل گاھ، ڊاٻو. ٺڪاڻو، گهرُ، خانو، جاءِ، مَسڪن، مَڪانُ، مُقام، رهائش گاھ، آستانو، هنڌُ.
A stage, halting place.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا، مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا، ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي، لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي، جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو، لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي ڪاڪِ جي، تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ، ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]