مَندَ بابت
معنيٰ
شراب، سرو، نشيدار عرق، انگورن جو چڪايل رَسُ، مَي، مَڌُ، شراف، دارُون.
Spirituous liquor, wine.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري، چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ گهَرِ کيِن، ھَٿِ نَہ اَچي ڪِينَ، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ، رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ، تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]