مَجازَ بابت
معنيٰ
ظاهر. مغروري، گهمنڊ، شيخي، هٺ، دماغ، وڏنءَ، هوءِ، وڏائي، اغماضُ، غرور، سِيٽ. لنگهڻ جي جاءِ، واٽ، رستو. جا شيءِ حقيقت نہ هجي، حقيقت جو ضد. مَرڪ، ناز، نخرو، ماڻو.
Virtual, not real, illusion.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ لاڻُو، مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻُو، ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي، چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ، مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي، موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي، سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ بَرِي، سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي، خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اَنگُورَ، ھَڻي حَڪِيمَنِ کي، پَٽِي مَنجهان پُورَ، گهوٽَ پِھرِيين گهُورَ، گُجَرِ گَهڻا گهائِيا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اِلَماسَ، نَہ ڪا عامَ نَہ خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِيئَن پِڃِئو، ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.[ سُر آسا - مجازي مام ]