ماسُ بابت
معنيٰ
ماھُ، گوشت، ساھُ، جسم، ديھ، بَدنُ، سُرِيرُ. ميوي وغيرہ جو اندريون حصو. گُدو، ڳَرُ. رَسُ.
Meat, flesh, pulp.
بيتن ۽ وائين ۾
- جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ، اُڀو پِريان پاسِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو کانڌِ جو، کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ، تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا، اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري، ڏُکَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو، آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ، مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ سين، ماسُ وِراھي ھَلِئا، ڪَرنگهَرُ ڇَڏِيائُون، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ اِيئَن اُتائُون، کِلي گهايائُون، مُرڪِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ، پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ، ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]