قَلَمُ بابت
معنيٰ
لکڻ لاءِ وڍيل، گهڙيل ڪانو. ڪِلڪَ، ليکَڻِ، لکڻي لوهي ڪلڪ.
A pen.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن، ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ، قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ، اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين، آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي، حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي، تَنِي…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي کي رَھِئو، ماڳِ نَہ اَچي مَينڌَرو، ايڏو سُورُ سَھِيو، موٽِي تَنھِن مَحلاتَ ۾، وَري تان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]
- قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]