غافِلِ بابت
معنيٰ
غفلت ڪندڙ، ويسري، اويسلي، ڪاهل، ڍري، سُست، ٽوٽي. بي ڌيان، بي سانگي. بي سوچ، بي فڪر، بي احتياط.
Careless, inattentive, mindless, negligent, remiss, heedless.
بيتن ۽ وائين ۾
- غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين، چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ، نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، غافِلِ مَنجِهہ گَهرَنِ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ، سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]