صُبحِ بابت
معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل جو، فجر سان، سحر، پرھ سان پرڀات.
At morning time, with dawn. In sunrising.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين، سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو، صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو، روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو، مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا، ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان، صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي، ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا، سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڱَڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِيَنِ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ، پيرَ اُنِين جا پُڄُ، مَتان سِڪين سَناسِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون، ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون، ”لالَڻَ ڪونَہ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪا ھِنيَين سين لاءِ ڀورِي، ڪاھِنيين سين لاءِ، پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ، اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ…[ سُر ڪاپائتي - وايون ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سانبِي سارِئَمِ راتِ، صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ، رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ، مُون تَنَ تَنِي…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]