سُڪَنِ بابت
معنيٰ
سُڪي وڃن، خشڪ ٿين، ٺوٺ ٿين.
Became dried, arid.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪاجا پَرِ پَنوَھارَ، ڪَنِ ويڙِھِيچا وَڻَنِ سين، ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين ڌارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلِيرَ تي.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين دُورِ، تَنِ سُڪَنِ سَندي سُورِ، اَبُرُ اوڪائي وِئو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]