سُرَھا بابت
معنيٰ
خوشبودار، سُڳَنڌ، سڳنڌيا. وڻندڙ. سٺا. پختا. اَثر وارا.
Fragrant, sweet smelling odorous, odoriferous, prosperous any thing not person. Good, pleasing, whose obsequies have been fully performed.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو، قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو، اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪُڌا تُورا ڪَرَھا، ڇَڏِ لاڻِيءَ جِي لَغارَ، سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ، سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ، آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ، سُرَھا ڪِيائين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ، تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ، آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]