سَڌَرَ بابت
معنيٰ
جبري، جانٺي، قوي، جُنگ. جهالو، پڪي، جاڏي، ڌِڱِ، متاري، ڌَمتالِ. بھادر، شاهوڪار، دولتمند.
Rich, brave, hard enough, forceful.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَري تُنَ پَياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَھي، کُوھو جُهر جُهونُو ٿِئو، لاڄُو سَڀَ لَڙَياسِ، جيلاھِين سَڌَرَ سُکاڻِياسِ، وَھي تي وَھَ سامُھِين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ سين، پُورِيندي ھُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سازَ، اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ، پُوندا ڪِينَ پَريٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ، سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ، ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟ ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي، سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي، مَٿي…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- جِيئَري زِيارَتَ، جي مُون پِرِيَنِ سين، سَڌَرَ مُنھِنجا سُپِرِين، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، مَولا مُون کي ميڙِين، سُپريان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]