سَڃِئو بابت
معنيٰ
ھنيو، لڳايل، چُٽيو.
To cast throw, pitch a tent, shoot.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي، تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي، ويڄَنِئان…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]