سوجِهہ بابت
معنيٰ
جوت، نظر، بينائي، بصارت، نِرت، نگاھ، ديد. اِدراڪ، سمجهہ، ٻوجهہ. انديشو، خيال، ويچار. ڳول، چڪاس، جانچ، کوج، نھار. جوڙجڪ. مطلب، مراد، مقصد، اِرادو، نيت. ڍنگ، طريقو، طرز، نمونو، طورُ، ريت، طرح.
Common sense, far-sightedness, to realize, to get an idea eye sight.
بيتن ۽ وائين ۾
- صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون پِيَ پُڇين جو، سُخُنُ آھي سو، مُنھَن مُقابِل نَہ ٿِيي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- سُڃاپي نَہ صُورَتَ ري، صُورَتَ ھَڏِ مَ سوجِهہ، ٿِيءُ ٻاراڻِيءَ ٻُوجِهہ، وِڃائي وُجُودَ کي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]