زارِي بابت
معنيٰ
وينتي، سوال، التجا، عرض. روڄ، رودَنُ، دانھون، آهُون، ورلاپ. ضعيفائي، ناتواني. مسڪيني، مفلسي. عاجزي، نيازي، نيزاري. منٿ، آزي.
Request, earnestly request, cries, vocal
بيتن ۽ وائين ۾
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي، ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ، ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ، رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون، اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون. ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- زارِي سا زارِي، اَلولَ ٻاروچي سان ڪَندِيَس زارِي، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، مُون سان قِيامَتَ ڪارِي، ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون، آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون، ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- لِيلان ڇَڏِ لِھورُ، وَڃُ پَنھِنجي مائٽين، اَبو ڏاڏو پانھِنجو، مَٿان چَنيسَرَ گهورِ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ڪِينَ ھَلَندو ڪانڌَ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- نَہ سي ووڻَ وَڻَنِ ۾، نَہ سي ڪاتارِيُون، پَسِئو بازارِيُون، ھِينئَڙو مُون لُوڻَ لَھي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]