رَھنُما بابت
معنيٰ
واٽ ڏيکاريندڙ، رستو ٻڌائيندڙ. سُونھون، رَھبَرُ، پيشوا، آڳرو، اَڳئو، رَھنِمائِي ڪندڙ. ھادِي، ھدايت ڪندڙ، وَسِيلو، مُرشِدُ. مَھندارُ، سردارُ.
Guide, teacher, navigator
بيتن ۽ وائين ۾
- حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ، پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ، تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ، رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي رَھنُما، وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ .[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ، بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ، آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ، رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ، آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]