رَھنُما جي سنڌي معنيٰ
واٽ ڏيکاريندڙ، رستو ٻڌائيندڙ. سُونھون، رَھبَرُ، پيشوا، آڳرو، اَڳئو، رَھنِمائِي ڪندڙ. ھادِي، ھدايت ڪندڙ، وَسِيلو، مُرشِدُ. مَھندارُ، سردارُ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Guide, teacher, navigator
رَھنُما جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي رَھنُما،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ .
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 7 ]
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ .
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 7 ]
جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ،
بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ،
آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 24 ]
بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ،
آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 24 ]
ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ،
رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ،
آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 25 ]
رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ،
آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 25 ]
English Meaning
Guide, teacher, navigator