رَسِيلا بابت
معنيٰ
رس وارا، رسائتا. گهڻي رس وارا. لذيذ، سوادي. مٺي آواز وارا، وڻندڙ.
Juicy, of pleasant flavors. Melodious.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي، آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾، لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون، سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين، سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ، صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھايَسِ پاڻَ، جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]