راڻِيُون بابت
معنيٰ
ملڪائُون، راڻيءَ جو جمع، بادشاھزاديون
Queens
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ، پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ، داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ، ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ، آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين ۾ ٺارَ، سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ، ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون، تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ، اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ…[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَہ کِکِيءَ لائي ھَٿَ، ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ، جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ، لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ، ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]