راڄِيا بابت
معنيٰ
راجا، راڄ ڌڻي، راڄن وارا.
Raja, king. Owner of kingdom.
بيتن ۽ وائين ۾
- تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ، ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ، والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ، اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ، ڀَلا ڪَري…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ، ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ، جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو، جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ، جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]