دُکَ بابت
معنيٰ
ڏُک. درد، پيڙا، آباد. رنج، افسوس، غم، ارمان، مرض، گوندر، بيماري. اهنج، تڪليف.
Pain, ache, grief, sorrow, anguish, misery, suffering, distress, afflication, sickness.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُپيرِيان جي سُورَ جي، ڪَنھِن کي دُڪِي دُکَ، ڏُکِيءَ وَٽان ڏُکَ، وَڃَنِ نَہ ويرَ ڪَھِين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- دِلِ ڌوتائِين دُکَ سين، ڌاڳا ھَڏِ نَہ ڌوءِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، رُوحان اَندَرِ روءِ، ڪو نَہ ڏِٺوسُون ڪو، سَناسِي سُورَ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي، سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ، ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]