داخِلُ بابت
معنيٰ
شامل، شريڪ، موجود، ليکي ۾ آيل.
In. Counted. Entered in a book or account, registered.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، اَلِفُ اُھو ئِي آھِ، لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- چائُتِ رَکِي چِتَ ۾، سَنُهو ڪَتِيو جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَہ ڪِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]