حَرامُ بابت
معنيٰ
روڪيل، منع ڪيل، رد ڪيل، ممنوع، منع ٿيل، بي قاعدي، ناجائز، ناروا، غير مُباح، اڻ رھائيندو، شريعت جي خلاف. پليت، نجس، ناپاڪ. زنا، بدڪاري، بدپيشو، ڪَسَبُ. ’حَلالُ‘ جو ضِد. حرمت وارو، ”مَسُجِد الحَرامِ، مُحَرُم الحَرام وغيرہ“
Unlawful, forbidden, pure, n. Fornication, prostitution, whoremongering.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ، ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ، ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ، مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾، پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ، مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،…[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا بَسِ، جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ، جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]