حَبَ بابت
معنيٰ
هڪ نديءَ جو نالو، جا ڪراچيءَ کان ست ڪوھ پري پَٻ جبل جي اُتر واري قطار وٽان بلوچستان جي حد مان هلي ٻہ سئو چاليھ ميلن ۾ پٽ پسائيندي ڪراچي جي پريان ڪيپ مانز راس العماري وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇُڙي ٿي. بيابان، ميدان.
Hub is originally name of a river and a city and capital of the Hub District in Balochistan, Pakistan. It is the 49th largest city of Pakistan by population according to the 2017 census, and is also Balochistan's fourth-largest city.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين، پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا، مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- چوڌارِي چَڙِيُون، ٻُرَنِ ٻَيلايَنِ جُون، مَحَبَتِيءَ ميھارَ جُون، جِيءَ اَندَرِ جَڙِيُون، جي وَڇارَ وَڻِيُون، سي لَهرِن پاڻَ لنگهائي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، کَڻُ پِرِينءَ پيرُ، سُورَ تو سان سَسُئِي، واري ويٺا ويرُ، ڪَرَ لَھَندو ڪيرُ، ھيڪَلِيءَ جِي…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]