جَڏو بابت
معنيٰ
اهو ماڻهو جنھن جا عضوا بيڪار هجن ۽ هلڻ چلڻ يا ڪم ڪرڻ کان عاجز هجي، معذور، پِنگلو، لاچار. هيڻو، ضعيف، اڀرو. بيمار، اگهو. بيڪار، چَٽُ. بي ڪمو. ڪُندذهن، ڪم فھم، ٿوري سمجهہ وارو.
Maimed, crippled, halt, injured in any limb. Bad, wicked, evil.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي، نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ، اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- اَسُورَ سَندو آسِرو، وِڳَندَ کي وَڏو، جُسي ۾ جَڏو، کِئَڻَ تي کُڙا کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- ڦَيرِ مَ تُون اُبَتِ، کَڻُ سُبتِيُون سُپِرِين، مُون کي موھي جَنِ سين، ماري ڳيڙِيَئِي مَتِ، اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَٽِ، ھاڻِ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]