جَنَتَ بابت
معنيٰ
باغُ، بھشت، سرڳ، فردوس. سورڳ، عدن، اعلى روحن جي آخري انعام.
Heaven, paradise
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ، کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ، پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ ساھَڙَ جا، ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ، جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]