جَنَبُ بابت
معنيٰ
جنم، عُمر، حياتي وارو عرصو.
Birth, age, life.
بيتن ۽ وائين ۾
- کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا، جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو سارا جَنَبُ گَيا، گورَکُ گودَڙِيَنِ وَٽَ، آسَڻَ تي آيو، آديسي عالَمَ کان، رُٺَڙائِي رَھو.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ريءَ اَعرابِيَنِ ھِتِ، گَهنگهَرُ گهارَڻُ مُون پِئو، بَڪَتَ الۡعَینَینِ بما ھُوَ قَدَما ، پُڄان ساڻُ پِرتِ، مَنُ اَکِيُون تَنُ تِتِ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- مَٿي ٿَرَ رَهِي، وِئا گُذاري جيڏِيُون، ڪَڏِهِين ڪو نَہ آيو، پَنوَهارَنِ پَھِي، وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِئُمِ جَنِ سين.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]