جاڳُ بابت
معنيٰ
جاڳي پئُُہ، بيدار ٿي، ننڊ ڇڏ.
Aware, be awake.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڪِي سُمُهہ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]