جاٽَ بابت
معنيٰ
سير، سفر، مقدس مقام ڏانھن وڃڻ، زيارت
Body of pilgrims
بيتن ۽ وائين ۾
- جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي، لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ، ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ جاٽَ مَ وَڃو جوڳِئا، قُوتُ مُنھِنجو ڪاپَڙِي، سِڱَڙِيَنِ مَنجِهہ سِھو، ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِئو، آئُون…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ، پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي جاٽَ نَہ نِينِ، اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون گهَڻو نِھارِئا، مَڙِهيُون مُون مارِيندِيُون، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ، وِنجُهلان تَهِين واٽَ، راوَلَ جَنھِين راھَ ڳِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]