تَنگِ بابت
معنيٰ
سوڙهو. جڪڙيل، ڀِتل. ٿوري جاءِ. ننڍو رستو. گهٽيل. ٿورو. ناڪافي، اڻپورو. ڪَڪ، خفي. پريشان. تڪليف ۾. غريب، محتاج. سخت پختو. تنگ اچڻ.
Tight, narrow, straight, confined, distressed, annoyed, in difficulties or want.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَھي نَہ تِکَ، صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ، واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڳِجُهنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجها ڏُکَ گَهڻا، تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا، ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ، ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ، جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو، نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- دَوڪَ دَھلِئا جِتِ، گورا ھَلَنِ نَہ گَسَ ۾، چَئُہ سالَ ئِي نَہ چَلِڻا، تَنگِ نِھاري تِتِ، سُوڌِي نِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ، پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]