تَنُورا بابت
معنيٰ
تندُورَ، مانين پچائڻ لاءِ گُندلي مثل زمين ۾ کوٽيل کڏ. کُورو، بَٺي. مَچُ، آڙاھُ.
An oven.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين، پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا، مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]