تَب بابت
معنيٰ
تڏھن
Then, at that time, afterwards, thereupon, hence.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ، عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ، عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ، اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان، عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ ۾ تَبَرُون، ھَڻِي حَڪِيمنِ کي، زورَ ڀَرِئو زَبَرُون، ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب ھِينئَڙي آوَنِ پُورَ، سِڪَندِيءَ کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ، آئُون تَنھِن ماريس سُورَ، جِيئَن ساڄَنُ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ، ليکِئمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِئامِ، پاڻُ وِڃائي پانھِنجا، ٿورا ٿُڪَ ھَنيامِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھارِينِ، قُل يا قَد سَمِع جاثِيه، هِنيون دُخانِ پاسِ ڌَرِينِ، تَبارَڪ تَبَتِ اِذا جا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، مَڻِيو تَنِ مَٿَنِ، ماٺِ مَرتَبو اُنِ جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ، اوڏو وَڃي جو اُنِ، تَنھِن…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]