توتي بابت
معنيٰ
تون تي، تون مٿان
On you.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي، توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ، مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ…[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا، توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ، اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]