بَندَرَ بابت
معنيٰ
درياءَ يا سمنڊ جي ڪناري تي جھاز، ٻيڙين وغيرہ جي بيھڻ ۽ ماڻهن، مال وغيرہ جي لھڻ چڙهڻ جي جاءِ. درياءَ يا سمنڊ جي ڪناري وارو شھر. ٻيڙين جي سڙه ٻڌڻ جون رسيون.
A port, town, harbor, quay, landing place. The cords by which a boat’s sail is reefed, the reef of a sail.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ، جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ، وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا، نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان، تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ، سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقِيراڻِي ويسِ، اَمُلَ ڏِينِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون، لَهرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون، آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون، پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]