اُھڃاڻُ بابت
معنيٰ
نِشان، پتو، پارُ، ڏَسُ، علامَت.
A sign, token given as an evidence of anything. A feature, lineament.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، اِھَڙو جَنِ اُھڃاڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ، تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]