اُڀو بابت
معنيٰ
بيٺو، بيٺل، کڙو، سڌو.
Straight, vertical, stand.
بيتن ۽ وائين ۾
- جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ، اُڀو پِريان پاسِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي بانَ، اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ، جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيان، سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون اُھوئِي آھِيان، جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ، گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي، اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ، وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ، ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ، رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون، اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون. ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ، جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ، اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ، ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- پِڙَ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿِيَڙَنِ سَڏَ ڪَري، ڀَلي جِيءَ لاڏاڻِ، سَڀَ لَنگهَندا لَڪِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ، ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ، مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ، مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر بلاول - وڳند ]
- لاکو نَہ لاھي، مَٿان ھَني ھَٿَڙا، گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي، ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي، مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي، ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ، مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، ٿِي گَندَرِي گُذاري، سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري، جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ، پاندُ جَنِي جي پاندَ سين، لَڳو ڪَري لَڄَ، سَمُو جامَ سَهڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- اَکڙِيُون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ، پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]