اَکڙِيُون بابت
معنيٰ
نيڻ، چشم، عين، ڏسڻ جا عضوا.
Eyes
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون، جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي، وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ، سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي، اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون، جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ، اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن اَکڙِيُون، سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون، مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون، اِيندا…[ سُر پورب - جوڳي ]
- ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ جي، مانَ سَڃِينِھُون يارُ، اَڳِيان اَکڙِيُون کَڻِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ پَسَندِيُون، ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکڙِيُون پِرِيَنِ ري، جٖي ڪِي ٻِئو پَسَنِ، ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين، جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ، کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- لوڏاڻي لَکُ لَھي پاٻوھِئو ڪِروڙَ، اَکڙِيُون ڀَرپُورَ، جٖي سَڃِيينِ توءِ سَھاڳِيُون.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا، جَنِ جو آڌارُ تُون، جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري، توءِ…[ سُر آسا - وايون ]
- آهِينِ اَسان جي ڏيھَ ۾، کيرِيُون کَٻَڙِيُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙِينِ مَکِڻِيُون، عُمَرَ اَکڙِيُون، سِڪَنِ ٿِيُون ساڻيھَ کي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- اَکڙِيُون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ، پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]