اَرواحُ بابت
معنيٰ
آتما، روحُ جو جمع اَرواحُ. سنڌيءَ ۾ واحد طور ڪم ايندڙ روح.
Soul, spirit, beingness.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ، دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ، جَي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ، اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ، وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]