ڇوڙِيان بابت
معنيٰ
کوليان. ڇڏيان. رسي وغيرہ سان ٻڌل کي ڇڏايان. بند خلاص ڪريان. ڇڏي ڏيان.
To unloose, unbind, let loose, let go, disengage, undo, untie.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساھَڙَ ٻَڌِي ساھَ کي، سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ، ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]