ڇوڙِيان جي سنڌي معنيٰ
کوليان. ڇڏيان. رسي وغيرہ سان ٻڌل کي ڇڏايان. بند خلاص ڪريان. ڇڏي ڏيان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To unloose, unbind, let loose, let go, disengage, undo, untie.
ڇوڙِيان جا بيتن ۾ حوالا
آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]

جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساھَڙَ ٻَڌِي ساھَ کي،
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]