پِيارِي بابت
معنيٰ
لاڏلي، سڪِيلَڌي. دِلِ گهُري، وڻندڙ.
Beloved, dear.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ، اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ، نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون، اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون. ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وَنِھيَنِ سَنگهارَنِ جِي، سُونھارِي سانجاڻَ، پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻَ، پھرِين پِيارِينِ پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- سِنجَنِ ۽ ساڳِينِ، ڌِڪو نَہ ڏِينِ ڌَڻَ کي، پايو دوڳُ دَرِنِ ۾، پَھُون پِيارِين، اِهَڙائِي آهِينِ، مُنھِنجا مِٽَ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون، سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون، پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون، ڏِينھان…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]