سَنِيھَڙو بابت
معنيٰ
سنديسو، نياپو، محبت جو پيغام، سلام.
A message, note, love letter, memo, a word.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾، آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ، سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو ڪانءُ، ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان، جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو، سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]