اَزَلَ بابت
معنيٰ
شروعات کان سواءِ هميشگي، اناد. ”اَبد“ جو ضد، دنيا جي پيدا ٿيڻ وارو پھريون ڏينھن، ميثاق وارو ڏينھن، منڍ، اصل، بڻياد، ابتدا، تخليق جي شروعات، ابتداء آفرِينَش. قسمت، مقدر، تقديرَ.
First day of eternal creation, fate, initial
ازل: (ع) ھي فلسفي جو اصطلاح آھي ۽ سندس معنى آھي: ”اھو جنھن کي آد يا شروعات نہ ھجي“. سندس ضد آھي ”ابد“، يعني ”اھو جنھن کي ڪا انت يا آخر نہ ھجي“.