ھارَ جي سنڌي معنيٰ
ڪَنٺا، مالا، مالها. ڳَھَ جو هڪ قسم، ڳچيءَ ۾ پائڻ جا ڳَھ، ڪنڍيون، ڪئنٺي. سون چاندي يا موتين مان ٺهيل هارَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Necklaces. (Kind of an ornament)
ھارَ جا بيتن ۾ حوالا
توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا،
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]

آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ،
لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا وارَ،
لَئِي ڪَسُ قُلُوبَ تان، تاڙي ڪِي تَنوارَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، پُويو پائِينِ ھارَ،
پَکَي ۽ پِرِيَنِ جِي، لَھِجِ سَيِّدُ سارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 4 ]

ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِ،
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِئا، اَڳِئان اِمامَنِ،
یُجَاهِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ، ٿا ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ،
حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سهِرا شَھِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 1 ]

ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ،
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]

جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ،
ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ،
اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ نَہ اَچي تَنِ،
سَڄَڻَ سوني ھارَ جِيئَن، وَرھين نَہ وِلٽَنِ،
پَڪا پِرِين ڪِجَنِ، ڪَچَنِ مان ڪِينَ ٿِيي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 8 ]

اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو ھُوَنھِين ھارَ جو،
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ،
دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 32 ]

ھائِي وِجهان ھارَ کي، مَنجهان کارَ کَڻِي،
ڦِٽائي ڦِٽو ڪَرِيان، ھَٿَنِ سين ھَڻِي،
تو سين ڄامَ تَڻِي، اگَلِيُون سَڀَ اوڇون ٿِيُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 4 ]

جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ،
ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ،
ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ، ھُتِ حَرَفُ نَہ ھَلَندُءِ ھِڪِڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 11 ]

سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھارَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ کي، ڪَنِ سَھِسين ڀَتين سِينگارَ،
ڍولُ تَنِي جِيءَ ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 26 ]

وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين،
ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِئاسِ،
جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 15 ]