ڳَنڍَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ڳنڍ ڏيڻ، وڪڙ ڏيڻ، ٻڌڻ. ڳانڍاپو ڪرڻ، جوڙڻ، ملائڻ. گڏي ٻڌڻ. سوگهو ڪري ٻڌڻ، ڪشڻ، جڪڙڻ،مضبوط ٻڌڻ. ساڻ ڪرڻ، گڏڻ، گڏ ڪرڻ، شامل ڪرڻ، ڀيڙو ڪرڻ، لڳائڻ. ڳوپ ڏيڻ، ڳوپڻ، مڙهڻ. ڳنڍ ڳوپ ڪرڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To connect, fasten together, stick together, join, compose Verses, stitch shoes.
ڳَنڍَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]