گهِڙو جي سنڌي معنيٰ
لھي پئو، اندر وڃو، اندر اچو، داخل ٿيو، پَئو، گهِرِي وڃو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Enter, penetrate, interfere, meddle, dive.
گهِڙو جا بيتن ۾ حوالا
واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]

جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]

صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي،
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]